سن ڍنڍ

سن ڍنڍ: ضلعي نوابشاهه جي تعلقي دولتپور ۾، سن ساوڙيءَ جي ڀرسان، ديهه ساوڙي، سرڪل ۽ تپي ساوڙيءَ ۾ سن ڍنڍ موجود آهي. هن ڍنڍ کي سن ٻاريچي ڍنڍ به چيو ويندو آهي، جنهن جي اتر اولهه ۾ سن ڍورو موجود هو. هيءَ ڍنڍ سهڻي درياهه جي ڇڏيل ڍنڍ آهي، جنهن جي وهڪري ختم ٿيڻ سان ڪيترا ڳوٺ ويران ٿي ويا.


لفظ سن ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو